چونڊ سنڌي ڪلام ۽ ڏوهيڙا

چـونـڊ سـنـڌي ڪـلام ۽ ڏوهيـڙا (ڪتاب): هيءُ ڪـتاب سـنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن جي چونڊ ڏوهيڙن ۽ ڪلامن تي مشتمل هي ڪتاب نامور ليکڪا پارو چاولا جو ترتيب ڏنل آهي. ڪرائون سائيز ۾ آرٽ
پني تي ڇپيل هن 149 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت چاليهه رپيا آهي. هيءُ ڪتاب پارو ٺاڪر چاولا، مهيم، بمبئيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾، پوپٽي هيراننداڻيءَ لکيو آهي ته، ”پارو چاولا هن ڪتاب ۾جھجھا ڏوهيڙا ميسر ڪري ڏنا آهن ۽ انهن جي ترتيب اهڙي رٿي آهي، جو هر هڪ صفحي تي هڪ خاص ۽ مخصوص موضوع تي ئي ڏوهيڙن جو نمونو ڏنل آهي. ڏوهيڙن جي سامهون ان ئي وشيه (موضوع) تي ڪلام به ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو